انڊيا، نيپال کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر فور ۾ اچي ويو

انڊيا، نيپال کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر فور ۾ اچي ويو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ نيپال ڀارت کي 231 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ڀارت جي بيٽنگ شروع ٿي ته برسات سبب راند رڪجي وئي. ان کان اڳ نيپال جي اننگ ۾ به بارش سبب ميچ روڪي وئي هئي. بارش بعد ٻيهر ميچ شروع ٿي ته ڀارت کي 23 اوورز ۾ 145 رنز جو ٽارگيٽ مليو. جيڪو بنا نقصان جي 17 بال باقي هئا ته گهربل ٽارگيٽ پورو ڪري نيپال کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر فور لاءِ انڊيا ڪواليفاءِ ڪري ورتو. روهت شرما 74 ۽ شبمن گل 67 رنز اسڪور ڪيون.  نيپال ٽورنامنٽ مان آئوٽ ٿي ويو آهي. گروپ سطح جو آخري ميچ سڀاڻي لاهور م سريلنڪا ۽ افغانستان ۾ کيڏي ويندي. جيڪڏهن افغانستان اها ميچ کٽي ٿو پوءِ رن ريٽ تي بنياد تي فيصلو ٿيندو. پالي ڪيلي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي نيپال کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. نيپال جي ٽيم 48.2 اوورن ۾ 230 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ڀارت کي 231 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ويو. اوپنر ڪوشال ڀورتل 38 رنسون ٺاهي شاردل ٺاڪر هٿان آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڀيم شرڪي 7 رنسون ٺاهي رويندرا جڊيجا جو شڪار بڻيو. آصف شيخ 58، گلشن جها 23، روهت پوڊيل 5 ۽ ڪوشال مالا 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڀارت طرفان رويندرا جڊيجا ۽ محمد سراج ٽي ٽي ۽ شاردل ٺاڪر، هاردڪ پانڊي ۽ شامي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جسپريت بمرا پٽ ڄمڻ سبب واپس انڊيا ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي محمد شامي کي شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو