ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت نيو سبزي منڊي ۾ ٽرانسپورٽرن جي سهولت لاءِ خصوصي ون ونڊو فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي پاران لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس ۾ ٽرانسپورٽرن کي هڪ ئي هنڌ تي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ فيسليٽيشن ڊيسڪ جي قيام جي منظوري ڏني وئي۔ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نيو سبزي منڊي ۾ قائم ڪيل هن ون ونڊو فيسليٽيشن ڊيسڪ جو مقصد ڪراچي ايندڙ مال بردار ۽ ڪمرشل گاڏين کي روٽ پرمٽ، فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ضروري دستاويز جاري ڪرڻ ۽ تجديد جون سهولتون هڪ ئي هنڌ تي ڏيڻ آهي۔ هن چيو ته هن قدم جو بنيادي مقصد 30 جون 2026ع تائين وڌ کان وڌ ڪمرشل ۽ مال بردار گاڏين کي سنڌ حڪومت جي ڊجيٽل ۽ آٽوميشن نظام ۾ شامل ڪرڻ آهي، ته جيئن قانوني گهرجن جي پورائي، ٽرانسپورٽرن کي وقت سر سهولتن جي فراهمي ۽ مالي سال 2025-26ع لاءِ مقرر ڪيل هدفن جي حاصلات کي يقيني بڻائي سگهجي۔ شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته فيسليٽيشن ڊيسڪ کي ايندڙ هڪ هفتي دوران مڪمل طور تي فعال بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته عملي جي مقرري، آگاهي مهم، بينرن ۽ عوامي نوٽيسن سميت سڀ ضروري انتظام پڻ مڪمل ڪيا پيا وڃن، ته جيئن ٽرانسپورٽر هن سهولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي خدمتن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جي ويزن تي تيزي سان عمل ڪري رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي عوام ۽ ٽرانسپورٽرن کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ آسان خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن۔ هن وڌيڪ چيو ته نيو سبزي منڊي ۾ فيسليٽيشن ڊيسڪ جي قيام سان ٽرانسپورٽرن کي مختلف آفيسن جا چڪر لڳائڻ کان ڇوٽڪارو ملندو، جڏهن ته ڊجيٽل روٽ پرمٽن ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽن جي نظام ذريعي وقت ۽ خرچن ٻنهي ۾ نمايان بچت ممڪن بڻجي سگهندي۔










