لاهور (ويب ڊيسڪ)نيوزي لينڊ جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ون ڊي ۽ ٽي 20 اسڪواڊ ۾ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ وڏن نالن کي مختلف فارميٽ ۾ ورهايو ويو آهي.قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد اسڪواڊ جو اعلان ڪندي چيو ته محمد رضوان ون ڊي ڪپتان هوندو، جڏهن ته سلمان علي آغا ٽي 20 ۾ سندس جاءِ تي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندو.سلمان ۽ شاداب کي ٽي 20 ڪپتان ۽ نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٻن ايندڙ وڏن ٽورنامينٽ، مينز ٽي 20 ايشيا ڪپ 2025 (سيپٽمبر 2025) ۽ آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ (فيبروري-مارچ 2026) کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو.
15 رڪني ون ڊي اسڪواڊ: محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، ابرار احمد، عاڪف جاويد، بابر اعظم، فهيم اشرف، امام الحق، عرفان خان نيازي، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سفيان مقیم ۽ طيب طاهر ،اوپنرز فخر زمان ۽ صائم ايوب کي طبي صلاح تي ٻنهي فارميٽ لاءِ غور نه ڪيو ويو.
16 رڪني ٽي 20 اسڪواڊ ۾ شامل آهن: سلمان علي آغا (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عباس آفريدي، عبدالصمد، ابرار احمد، حارث رؤف، حسن نواز، عرفان خان نيازي، جهانداد خان، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد حارث، عمير بن يوسف، شاهين شاهه آفريدي، سفيان مقيم ۽ عثمان خان آهن.










