نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي اڄ صبح دبئي کان ڪراچي رواني ٿي.نيوزيلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ دبئي ذريعي امارات ايئرلائن جي اڏام ذريعي آڪلينڊ کان رواني ٿي وئي آهي، ٽيم ۽ آفيشلز 17 ڪلاڪن کان وڌيڪ سفر کانپوءِ خميس تي دبئي پهچندا.نيوزيلينڊ جي ٽيم اڄ صبح ايمريٽس ايئرلائن جي اڏام ذريعي ڪراچي لاءِ رواني ٿيا، جتي ٽيم جي آمد و رفت لاءِ خاص پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان ملتان ۾ کيڏي ويندي.نيوزيلينڊ جي ٽيم هن دوري دوران 10 کان 14 جنوري تائين ڪراچي ۾ 3 ون ڊي ميچون کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو