اسلام آباد (پ ر) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب، گوگل ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جي تعاون سان هڪ ڏينهن جي مفت تصديق ٿيل تربيتي ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويو. تربيتي ورڪشاپ ۾ ڊجيٽل صحافت، معلومات جي تصديق ۽ جديد اي آءِ ٽولز ذريعي اثرائتي رپورٽنگ تي خاص سيشن شامل هئا. ماسٽر ٽرينر ثمين عزيز ۽ سي اي او ٽيڪ ويلي عمر فاروق ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي جيمني، نوٽ بڪ ايل ايم، پن پوائنٽ، گوگل ٽرينڊز، تصديق ٽولز بابت مفيد معلومات فراهم ڪئي. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اهڙيون ورڪشاپون جديد دور جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن، جن مان صحافي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اين پي سي جي صدر اظهر جتوئي چيو ته اين پي سي هميشه پنهنجي ميمبرن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ سرگرم رهي ٿي. هي ورڪشاپ پڻ هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.










