اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جيو نيوز موجب نيب جو چوڻ آهي ته آصف زرداري نيب کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جاچ جي لاءِ گهربل آهي، واضح رهي ته اڳوڻي صدر احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس، ٺٽو واٽر سپلاءِ ڪيس ۽ پارڪ لين ڪيس جي ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ جي به استدعا ڪئي هئي، جڏهن ته عدالت ان جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ هُن ميگا مني لانڊرنگ ڪيس خارچ ڪري ان ۾ بريت جي به استدعا ڪئي هئي. آصف علي زرداري هن وقت اسپتال ۾ داخل آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سندس ضمانت جي درخواست داخل آهي. پيپلز پارٽي جي ترجمان گرفتاري وارنٽ جي مذمت ڪندي چيو ته هو بيماري باوجود عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، حڪومت جو اهو بدترين انتقام آهي ۽ نيب چيئرمين حڪومت وٽ يرغمال بڻيل آهي.










