نيب قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ڀرتين تي ڪارروائي ڪري:شرجيل ميمڻ

نيب قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ڀرتين تي ڪارروائي ڪري:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جيڪي به جعلي ڀرتيون ٿيون آهن نيب ان تي ڪارروائي ڪري ته جيئن اصل حقيقتون عوام جي آڏو اچي سگھن. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي ڪوڙي بياني جي پويان پاڻ کي نٿو لڪائي سگھي ڇا ڪاڻ ته ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام هاڻ ان جي ڏٽن ۾ نه ايندو اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي هيلي ڪاپٽر ڪيس جي جانچ سامهون آندي وڃي ۽ بي آر ٽي ڪي پي ڪي، مالم جبه سميت پي ٽي آئي جا سمورن اسڪينڊلز جو احتساب ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته توشه خانه ۾ ڌاڙي جو حساب عمران خان کان ضرور وٺنداسين عمران خان ڪيتري کيس به ڪوشش ڪري قوم کي ورهائڻ نه ڏينداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آئي تمام جلد پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي. فارن فنڊنگ ڪيسن کان ڀڄڻ لاءِ جيترا به بهانا بڻائي عمران نيازي ۽ ان جي حوارين جي راند پوري ٿي چڪي آهي. ملڪ جي جيتري تباهي گذريل ٽن سالن ۾ ٿي آهي ان جي مثال پوري ملڪي تاريخ ۾ نٿو ملي. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام يوٽرن چيمپيئن جي ڪارڪردگي ڏسي ورتي هاڻ ان جي دوکي ۾ نه ايندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف اصل ۾ تحريڪ انتشار آهي، جنهن 2014 کان ملڪ ۾ بدتميزي ۽ گارين کي هٿي وٺرائي قوم کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو