نيب جو خورشيد شاهه جي گهر تي ڇاپو، بلاول جي مذمت

سکر(جي رام داس) نيب سکر جي ٽيم خورشيد شاهه جي گهر تي ڇاپو هڻي مبينا طور رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ جهڙتي ورتي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به خورشيد شاهه جي گهر پهچي ويو ۽ چيو ته بنا ثبوتن جي پي پي اڳواڻن کي گرفتار ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي گهر تي نيب سکر جي ٽيم ڇاپو هنيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جي گهر جي مختلف حصن جي جهڙتي ورتي پئي وڃي، جڏهن ته سندس گهروارين ۽ ٻارن جي ڪمرن جي به تلاشي ورتي وئي آهي.نيب سکر جي ٽيم جي ڇاپي دوران پ پ ڪارڪن خورشيد شاهه جي گهر ٻاهران پهچي ويا ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو خورشيد شاهه جي گهرڀاتين سان .ملاقات ڪرڻ لاءِ اڄ سندس گهر پهچي رهيو آهي، سند آمد کان اڳ نيب ٽيم طرفان گهر تي ڇاپو هنيو ويو آهي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پارٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪري حراسان ڪري خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪٺ پتلي حڪومت کي زبردستي اقتدار ڏنو ويو آھي، احتساب برابري جي بنياد تي نٿو ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن نيب پاران سيد خورسيد جي گهر تي ڇاپو هڻي تلاشي وٺڻ بعد سندس رهائش گاهه جو دورو ڪرڻ وقت خحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حقن تي حملا شروع ڪيا ويا آھن، سنڌ ھميشه غير جھموري قوتن کي شڪست ڏني آھي. پورو ملڪ ڪٺ پتلي حڪومت  کي ڌانڌلي ذريعي کٽايو ويو، پي پي اڳواڻن کي ثبوتن بغير گرفتار ڪري بنا سزائن جي قيد ڪيو پيو وڃي. ھو سمجھن ٿا ته سياسي قيادت کي گرفتار ڪري عوام جو آواز دٻايو ويندو، اها سندن ڀل آھي. هن چيو ته ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي تي قبضو ۽   18 ترميم ختم ڪرڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ خورشيد شاھ کي گرفتار ڪيو ويو آھي. هن سواليه انداز ۾ چيو ته راولپنڊي  ۾ اھڙو ڇاھي جو ڀٽي ۽ بنظير کي شھيد ڪيو ويو . اسان آمرن سان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا اڳ ۾ به ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪنداسين. هن چيو ته جنوري جي پھرين تاريخ تائين حڪومت کي نه هٽايو ويو ته جيالن جو رخ پنڊي طرف ھوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو