اسلام (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته نيب تي تنقيد ڪندڙن کي مشورو آهي ته هو عدالتن ۾ دائر ريفرنسز تي پنهنجو وقت خرچ ڪن.نيب چيئرمين جي سربراهي ۾ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حفيظ الرحمان ۽ ڪوئٽا جي اڳوڻي سٽي ناظم مقبول احمد لهڙي سميت 12 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي.اجلاس کي خطاب ۾ نيب جي چيئرمين چيو ته ڪنهن دٻاءَ يا ڌمڪي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ نيب آئين ۽ قانون موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو تنهن ڪري نيب تي تنقيد ڪندڙ کي مشورو آهي ته هو پنهنجو وقت عدالتن ۾ دائر ريفرنسز تي خرچ ڪن.










