اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته قومي احتساب بيورو نيب ترميمن مان فائدو وٺندڙ سياستدان گهٽ آهن پر اهي نمايان آهن.چيف جسٽس اهڙا ريمارڪس نيب ترميم جي خلاف عمران خان جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنا.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته نيب ترميم مان آزادي يا فائدو وٺندڙن مان سياستدان تمام گهٽ آهن.هن وڌيڪ چيو ته نيب ترميم جي ڪري آزاد ٿيندڙ ماڻهو ٻه هزار اڻويهه ۽ ٻه هزار ايڪويهه جي نيب آرڊيننس ذريعي ٿيا.ٻڌڻي دروان جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيا بنياد حق يا ته متاثر ٿيندا آهن يا ناهن ٿيندا، پارليامينٽ جي قانونسازي کي ڪو به شهري سپريم ڪورٽ ۾ ڪيئن چيلينج ڪري سگهي ٿو؟ پارليامينٽ موت جي سزا ختم ڪري ڇڏي ته ڇا متاثرن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ بحال ڪري سگهي ٿي؟وڪيل مخدو علي خان چيو ته جيڪڏهن عدالت اڳيان درخواستون اچن ته هر قانونسازي مان نقص نڪرندا.سرڪاري وڪيل چيو ته نيب ترميمن مان فائدو وٺندڙن ۾ سياستدان تمام گهٽ آهن.جنهن جي چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته ترميم مان فائدو وٺندڙ سياستدان گهٽ آهن پر اهي واضح آهن.










