نياڻي سان انصاف نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

نياڻي سان انصاف نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (ن س) ڏيئي لڳ ڳوٺ حاجي عبدالله روستماڻي جي رهواسين جو پنهنجي نياڻي بشيران جي خون سان انصاف لاء غلام قادر روستماڻي محمد صالح روستماڻي صدام الطاف حسين نياڻي جي ماء سهتي ۽ ٻين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بشيران جي ڀاءُ غلام قادر روستماڻي ٻڌايو ته 24 تاريخ ڇنڇر رات منهنجي ڀيڻ بشيران روستماڻي کي لقمان روستماڻي، سليمان روستماڻي، امير علي روستماڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وڃڻ ڪري هن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. جنهن جي اطلاع ملڻ تي آئون ويس ته ڀيڻ بشيران فوت ٿي وئي هئي، جنهن تي مون پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چيو ته مٿي ڄاڻايل نالن وارا ماڻهو فرار ٿي ويا، اسان پنهنجي نياڻي جو ضروري ڪارروائي بعد لاش کڻي وڃي دفنايو. هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر جي شروعاتي رپورٽ موجب نياڻي کي سخت تشدد جو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو