ڪراچي(ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪئي ويندڙ ميسجنگ ايپ آهي جيڪا دنيا ۾ 2 ارب ماڻهو استعمال ڪن ٿا. هن ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هندڙ سال پهرين نومبر کان اينڊرائڊ 4 ۽ ان کان هيڄ وارن موبائل فون ۽ ايپل جي 9 ۽ ان کان هيٺ وارن فون سيٽن مان پنهنجي سپورٽ ختم ڪندي ۽ واٽس ايپ ويب سميت ڪجهه فيچر بند ٿي ويندا. ان جو مطلب ته اينڊرائڊ 5 ۽ ان کان مٿي وارن سيسٽمز ۾ هي فيچر ڪم ڪندو. ياد رهي ته دنيا جي هي مشهور ايپ فيسبڪ جي مالڪ 2014 ۾ 19 ارب ڊالر ۾ خريد ڪئي هئي. دنيا ۾ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ وارن جو 2016 ۾ انگ هڪ ارب ٿيو هو جيڪو هاڻي ڊبل ٿي ويو آهي.










