نوشهري مان شڪارپور جا چور گرفتار، 4 مينهنون هڪ ڍڳي هٿ

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز پوليس ڪارروائي ڪندي مينهون ڦر ڪندڙ گروهه جي ٽن ڄڻن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري جوابدارن وٽان ڦر ٿيل مينهون ۽ ڍڳي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڊي ايس پي محمد ايوب درس ۽ ايس ايڇ او حنيف مهر ميڊيا کي ٻڌايو ته 7 اپريل تي ڳوٺ ڇتل شاهه مان ڳوٺاڻي سيد عنايت شاهه جي چوپائي مال جي واڙي تي هٿياربندن هلان ڪري اتان 4 مينهون ۽ هڪ ڍڳي ڪاهي ويا هئا. پوليس جاچ بعد نور پور ويجهو ڇاپو هڻي شڪارپور جي رهواسي ٽن جوابدارن مکڻو، صاحبزادو ۽ ڊنگلو جتوئي کي پسٽل، بندوق ۽ ڪارتوسن سميت گرفتار ڪيو جن وٽان ڦر ٿيل 3 مينهون ۽ هڪ ڍڳي هٿ ڪئي آهي. ڄاڻايل گروهه علائقي ۾ چوپايو مال ۽ ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو