نوشهروفيروز: (ن س) نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ نواب ثابقي جو رھواسي پنجاھ ورهين جو پيرسن علي گل چانڊيو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته وارثن موجب ٻه سال اڳ ڦر دوران غلام مصطفي چانڊيو کي قتل ڪيو ويو ھئو جنھن جو فيصلو اڄ چانڊيا برادري جي سردار بزرگان خان چانديو وٽ ٿيو جنھن بعد ڌريون پنھنجي ڳوٺ اچي رھيون ھيون جو واٽ تي بيٺل پنج ھٿياربند ماڻھن پاران کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ته قتل ڪندڙ جوابدار کيس منھن سميت جسم جي مختلف حصن تي گوليون ھڻي ڦرار ٿي ويا مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال مورو پھچايو ويو آھي وارثن پاران تڪ جي ايم پي اي سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار کان نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي










