اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.مراد علي شاهه طرفان اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.جونيئر وڪيل طرفان ريفرنس ۾ شامل ٻين جوابدارن جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.جونيئر وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وڪيل سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهن.احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي 23 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










