ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) وس ڀرسان ڳوٺ محب شاھ ۾ بِرڙي برادري ۽ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پي. ڪھاڙيون لڳڻ سبب نوجوان ديدار علي پٽ جاڙو مھتم سخت زخمي روهڙي اسپتال داخل ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب روهڙي جي علائقي وس ۾ موٽر سائيڪل ٽيڪسي طور ڪرائي تي ھلائيندڙ مھتم برادري جي نوجوان ديدار مھتم کي نامعلوم ڳالھ تان بِرڙي برادري جي ماڻهن حملو ڪري ڪھاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي روھڙي تعلقہ اسپتال ۾ ابتدائي طبي امداد بعد حالت وڌيڪ خراب ھجڻ ڪري سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن حد جي ٿاڻي تي اھڙي قسم جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن تہ آخري اطلاعن تائين ڪا بہ گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگهي هئي. ديدار مهتم کي مٿي ۽ کاٻي هٿ ۾ ڪهاڙيون لڳڻ سبب وڏاه جهير آيل هئا ۽ رت ڦوهارو ڪري وهي رهي هئي. اهڙي حالت ڏسندي سندس ناني صدمي ۾ فوت ٿي وئي.










