نوجوان ڪرڪٽر مٿي ۾ بال لڳڻ سبب فوت ٿي ويو

نوجوان ڪرڪٽر مٿي ۾ بال لڳڻ سبب فوت ٿي ويو

ميلبورن(ويب ڊيسڪ) 17 سالن جو نوجوان ڪرڪٽر بين آسٽن نيٽ ۾ پريڪٽس دوران مٿي ۾ بال لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. ابتدائي طبي امداد ملڻ بعد به هو بچي نه سگهيو. فرن ٽري ڪرڪيٽ ڪلب سندس وفات جو اعلان ڪندي انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سندس وارثن سان افسوس ظاهر ڪيو. فوتي ڪرڪٽر جي والد جاني نقصان تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته مان مطمئن آهيان ته منهنجو نوجوان پٽ پنهنجي شوق جي پورائي دوران جان وڃائي. ياد رهي ته 2014 ۾ 25 سالن جو فلپ هيوجز به مٿي ۾ بال لڳڻ سبب سڊني ۾ فوت ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو