نوجوان ڀارتي ڪرڪيٽر ، تيز ترين سينچري جو  رڪارڊ قائم

نوجوان ڀارتي ڪرڪيٽر ، تيز ترين سينچري جو رڪارڊ قائم

نئين دلي(ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل 2025 ۾ 14 ورهين جي ويڀو سورياونشي جو تاريخي ڪارنامو، تيز ترين سينچري جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ راجسٿان رائلز جي نوجوان ترين رانديگر ويڀو ڀارتي رانديگر طور، تيز ترين ٽي ٽوئنٽي سينچري ٺاهي نه رڳو آءِ پي ايل پر ڀارتي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ به تيز ترين سينچري جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. گجرات ٽائيٽنز خلاف 210 رنز جي وڏو هدف حاصل ڪرڻ دوران ويڀو صرف 35 بالن تي سينچري هڻي ڇڏي، جيڪا آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ ڪنهن به ڀارتي رانديگر جي طرفان تيز ترين ۽ مجموعي طور ليگ جي تاريخ جي ٻئي تيز ترين سينچري قرار ڏني وئي. ياد رهي ته آءِ پي ايل ۾ تيز ترين سينچري جو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ڪرِس گيل وٽ آهي، جنهن 2013 ۾ رائل چيلينجرز بينگلور جي نمائندگي ڪندي پونا واريئرز خلاف صرف 30 بالن تي سينچري ٺاهي هئي. ويڀو، ڀارتي رانديگر طور، يُوسف پٺاڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن 2010 ۾ راجسٿان رائلز جي نمائندگي ڪندي ممبئي انڊينز خلاف 37 بالن تي سينچري ٺاهي هئي. گذريل ڏينهن ٿيل ميچ ۾ ويڀو سورياونشي جي طوفاني بيٽنگ جي بدولت راجسٿان رائلز صرف 15.5 اوورن ۾ 210 رنز جو هدف حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو. ان سان گڏ يشسوي جيسوال به 40 بالن تي 70 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن پڻ ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . رڳو اهو ئي نه پر، ويڀو صرف 17 بالن تي 50 رنز مڪمل ڪري آءِ پي ايل 2025 جي تيز ترين ففٽي جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪيو. ان کان اڳ، گجرات ٽائيٽنز طرفان شڀمن گل 84 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته جوز بٽلر صرف 26 بالن تي اڌ سينچري مڪمل ڪئي هئي، جنهن جي مدد سان گجرات 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنز جو مضبوط اسڪور ٺاهيو. راجسٿان رائلز هن نوجوان بيٽر کي هڪ ڪروڙ 10 لک ڀارتي روپين ۾ خريد ڪيو هو. بهار جي ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هن نوجوان انڊر 19 ۾ آسٽريلليا خلاف به سينچري ٺاهي هئي. هن جو والد هاري آهي، ان کي به ڪرڪيٽ جو شوق هو پر حالتن سبب وڏو ڪرڪٽر نه ٿي سگهيو. سندس والد 9 سالن جي عمر ۾ هنکي ڪرڪٽ ڪوچنگ لاءِ گهر کان 100 ڪلوميٽر پري پٽنه ۾ وٺي ويندو هو، جتي هو 12 ڪلاڪ ٽريننگ ڪندو هو. سندس والد پنهنجي زرعي زمين وڪڻي هن کي ڪرڪيٽر بڻايو.

پهنجو تبصرو موڪليو