لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لنڊن پهچي پارٽي اڳواڻن کي چيو آهي ته نواز شريف سان ملاقات جو پروگرام ملتوي ڪن،ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جي وطن واپسي جو پروگرام حتمي آهي، ملڪ جو عوام تاريخي استقبال ڪندو، پارٽي جا سمورا اڳواڻ 21 آڪٽوبر کان اڳ پرڏيهه سفر نه ڪن.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف سان ملاقات لاءِ لنڊن اچڻ واريون سموريون پارٽيون به پروگرام رد ڪري ن ليگ جي قائد جي استقبال لاءِ پنهنجي تڪن ۾ وقت ڏين.اڳوڻي وزيراعظم اهو به چيو ته نواز شريف پروگرام موجب پاڪستان پهچندو ۽ عوام سندس ڀرپور آجيان ڪندو.هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ جو داستان گذريل دورن جي ڪارڪردگي جو هوندو، نواز شريف لوڊشيڊنگ ختم ڪري اربين رپين جو سي پيڪ شروع ڪيو آهي.شهباز شريف چيو ته ن ليگ جي دور ۾ مهانگائي سڀ کان گهٽ سطح تي هئي، نواز شريف ترقي جو سفر اتان ئي شروع ڪندو جتان روڪيو ويو هو.










