نوابشاهه: آئل ٽينڪر هيٺان چيڀاٽجي وڃڻ سبب بائيڪ سوار فوت

نوابشاهه: آئل ٽينڪر هيٺان چيڀاٽجي وڃڻ سبب بائيڪ سوار فوت

نوابشاهه: (ن س) نوابشاهه ۾ مين روڊ تي آئل ٽينڪر موٽرسائيڪل سوار نوجوان کي چيڀاٽي موت جي گهٽ لاھي ڇڏيو. حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. پوليس اختيارين امدادي ٽيمن جي مدد سان فوت ٿيل نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائيءَ لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آئل ٽينڪر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کي جلد ئي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو