نقوي جو بيان حڪومتي ناڪامي جو اعتراف آهي، شيخ

نقوي جو بيان حڪومتي ناڪامي جو اعتراف آهي، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيٽرول اسمن تي ليوي جي نالي تي حڪومتي ڀتا خوري ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ جي سلسلي ۾، جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي، 7 آگسٽ تي سنڌ ۾ رٿيل احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب 7 آگسٽ تي ڀرپور احتجاج، ڌرڻا ۽ هاءِ وي بلاڪ ڪيا ويندا. صرف ايمبولينس کي گذرڻ جي اجازت هوندي. ان حوالي سان مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو خيرپور، صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻو، صوبائي نائب امير منعم ظفر ڪراچي، پروفيسر نظام الدين ميمڻ ڪوٽڙي، حافظ نصرالله چنا ڪنڌڪوٽ، محمد افضال سانگهڙ، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف حيدرآباد، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو سکر، امدادالله بجاراڻي شڪارپور، سهيل احمد ميرپورخاص، عبدالقدوس احمداڻي ٺٽو، آفتاب احمد ملڪ ٿرپارڪر، الطاف احمد ملاح بدين، نواب مجاهد بلوچ مٽياري ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪندا.ھوڏانھن ملاقات ڪندڙ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جو تازو بيان حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف آهي. سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي ان سان گڏوگڏ اھا به هڪ حقيقت آهي ته جيستائين عدل ۽ انصاف جو نظام، محرومين جو خاتمو، بااختيار بلدياتي نظام ۽ اختيارن جي يونين ڪائونسل سطح تي منتقلي قائم نه ٿيندي، تيستائين ماڻهن ۾ اهڙا سوال پيدا ٿيندا رهندا. سگھارين ڌرين طرفان رانديڪا ٺاھڻ ۽ ڊاھ. جي راند جو خاتمو، قانون جي حڪمراني ۽ عوام کي پنهنجي مرضيءَ جي قيادت چونڊڻ جو حق ئي ملڪ کي بحرانن کان بچائي سگهي ٿو. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي ملڪ جي ٻين حصن وانگر پيٽرول تي ليوي، ڀتا خوري ۽ مهانگائي خلاف 7 آگسٽ تي سنڌ ۾ پڻ ڀرپور احتجاج ڪندا سين. عوام ظلم ۽ ناانصافي جي نظام خلاف جاري جماعت اسلامي جي تحريڪ جي حمايت ڪن. خاموشي موت آهي ۽ مزاحمت ئي زندگي آهي. #

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو