پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ناڻي جا ذخيرا مضبوط ٿي ويا، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رپئي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي،ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ بلوم برگ اختيارين وچ ۾ رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ان دوران ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا مضبوط آهن ۽ مٽا سٽا جي شرح مستحڪم آهي، ايندڙ سالن ۾ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويندي آءِ ايم ايف کان نئين قرض لاءِ عملي سطح جو معاهدو جون مهيني جي آخر ۽ جولاءِ جي شروعات ۾ ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو