ناليوارو اداڪار تنوير جمال ڪينسر وگهي فوت

ناليوارو اداڪار تنوير جمال ڪينسر وگهي فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي ڊرامي ”جنگلوس“ ۾ پنهنجي ڪردار سان مشهور سينيئر اداڪار تنوير جمال موزي ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. جاپان ۾ پاڪستاني اداڪارن جي تنظيم جي اڳواڻ عقيل عراقي هڪ پوسٽ ۽ وڊيو بيان ۾ تصديق ڪئي آهي ته تنوير جمال جاپاني وقت موجب 13 جولاءِ جي منجهند ڌاري خالق حقيقي سان ملاقات ڪئي. عقيل عراقي کان علاوه اداڪار قيصر نظاماڻي به تنوير جمال سان گڏ هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي. صحافي مهوش اعجاز به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تنوير جمال جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي جڏهن ته ٻين مداحن ۽ ڊرامي جي شوقينن پڻ سينيئر اداڪار جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سندس مغفرت جي دعا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو