ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار جيل ويندا، ڊي سي

ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار جيل ويندا، ڊي سي

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جو ڪم مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي، ناقص ڪم ڪري سنڌ حڪومت کي نقصان پهچائيندڙ ٺيڪيدارن کي جيل اماڻيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي تعلقي جي مختلف ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ دوران انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن کي هدايتون ڏيندي ڪيو. موٽروي طرف ويندڙ ڏيوري روڊ، سرحد کان مومل جي ماڙي طرف ويندڙ روڊ، انور آباد ڊسپوزل، ڏيوري روڊ روڊ ڊسپوزل، رحمون والي ڊسپوزل، ڊي سي هائي اسڪول گهوٽڪي ۽ گڊو بئراج ڪالوني اسڪول گهوٽڪي جي ترقياتي اسڪيمن جي ڪم جو دورو ڪري جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي لاءِ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون پيون وڃن انڪري سموريون اسڪيمون مقرر ٿيل تاريخن مطابق مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي فائدو حاصل ٿي سگهي. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ ۽ روڊس کاتي جي انجنيئرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي اسڪيمن جو مسلسل جائزو وٺي مانيٽرنگ رپورٽ فراهم ڪندا رهن.

پهنجو تبصرو موڪليو