ڪراچي(پ ر )سنڌ رينجرز ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيويريج ڪارپوريشن پاران ناظم آباد جي علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي غير قانوني پاڻي چوري جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ کي وائکو ڪيو ويو آهي۔ ڪارروائي جي نگراني ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بيرسٽر مرتضیٰ وهاب پاڻ موقعي تي پهچي ڪري ڪئي۔ ان موقعي تي چيـف آپريٽنگ آفيسر (سي او او) واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان بہ موجود هئا۔ عملدارن موجب ناظم آباد ۾ سيف الله بنگش هوٽل جي ويجهو خفيه سرنگن ذريعي اٺ غير قانوني ڪنڪشن لڳايا ويا هئا، جن جي ذريعي روزانو لڳ ڀڳ ٽيھ لک گيلن پاڻي چوري ڪيو پيو ويو. ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي تہ ٽي مهينا اڳ بہ ساڳئي هنڌ غير قانوني ڪنڪشن پڪڙيا ويا هئا پر پوءِ ٻيهر پاڻي چوري شروع ڪئي وئي ھئي. سنڌ رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن جي اينٽي ٿيفٽ ٽيم گڏيل ڪارروائي ڪندي سمورا اٺ غير قانوني ڪنڪشن ختم ڪري ڇڏيا جڏهن تہ علائقي ۾ وڌيڪ جاچ ۽ رِڪي پڻ شروع ڪئي وئي تہ جيئن هن نيٽ ورڪ جا ٻيا امڪاني هنڌ معلوم ڪري سگهجن. تحقيقات مان اهو بہ معلوم ٿيو آهي تہ پاڻي جا ڪنڪشن گهر جي هيٺان ٺهيل خفيه سرنگن مان ڪڍيا ويا هئا ۽ سرنگن اندر انساني جسم ليٽي ڪري ڪنڪشن ڳنڍڻ جا بہ ثبوت مليا آهن. اهو غير قانوني عمل نہ رڳو شهرين لاءِ پر واٽر ڪارپوريشن جي نظام لاءِ بہ انتهائي نقصانڪار هو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضیٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪراچي جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙن سان ڪو بہ سمجهوتو نہ ڪيو ويندو. پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ انهن خلاف مقدما عدالتن ۽ ٽريبيونلز ۾ ھلايا ويندا. ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سنڌ رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن جي اهلڪارن انتهائي خطرناڪ ۽ پيچيده آپريشن کي بهادري سان مڪمل ڪيو جنهن تي هوءَ ھنن سڀني کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو. ميئر ڪراچي چيو تہ پاڻي چوري جو خاتمو شهرين جي مفاد ۾ آهي ۽ اها مهم بنا ڪنهن فرق جي شهر جي هر علائقي ۾ جاري رهندي تہ جيئن هر شهري کي سندس جائز حصي جو صاف پاڻي مهيا ڪري سگهجي.










