ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ناظم آباد نمبر-2 ۾ غيرقانوني اڏاوت 15 ڏينهن ۾ ڊاهي ملوث ايس بي سي اي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان عملدرآمد رپورت جمع ڪرائي ڇڏي اهي غير قانوني اڏاوت جو جائزو وٺڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي اهي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جن آفيسرن جي پوسٽنگ هئي اندوران انهن جي خلاف ڇا ڪارروائي ٿي آهي؟ جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏنا ته ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪير هئا. گذريل ٻن سالن اندر؟ ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان جي کاتي ۾ بدقسمتي سان آفيسرن جون جلد مقرريون ۽ پوسٽنگس ٿينديون رهنديون آهن جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏنا ته اها بدقسمتي سان اڄ ئي ختم ڪري ڇڏيون ٿا اسان آفيسرن جي جلد بدلين جو معاملو به ختم ڪري ڇڏينداسين ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته ٿرڊ فلور ڪيرائي ڇڏيو آهي عمارت جي ٻه ماڙ به ڪيرائڻ صبح به ٽيم وئي هئي 15 ڏينهن ڏنا وڃن غيرقانوني اڏاوت ختم ڪرائي ڇڏينداسين عمارت جي مالڪ جي خلاف ڪرمنل ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل کاتي کي خط لکنداسين ڊائريڪٽر سينٽرل ايس بي سي اي عدالت ۾ پيش ٿيو ڊپٽي ڊائريڪٽر سينٽرل چيو ته 15 ڏينهن ۾غيرقانوني اڏاوت ختم ڪرائي ڇڏينداسين ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته ڪارروائي لاءِ ڪنهنا داري سان ڪوآرڊينيشن نه ٿيندو اهي ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل کي تعاون لاءِ هدايت ڪئي وڃي اڏاوت جي خلاف آپريشن دوران غنڊا ماڻهو به اچي ويا هئا ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ کان سواءِ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ايس جي سي به ڪنيڪشن لڳائي ڇڏيا هئا. ڪي اليڪٽرڪ ۽ يوٽلٽي فراهم ڪندڙ ادارا ايس بي سي اي سان بلڪل تعاون نٿا ڪن. بجلي جا ڪنيڪشن ڪي اليڪٽرڪ ناهن ڪٽيا علائقي جي ايس ايس پي کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏنا ته ايس بي سي ايس وٽ پوليس ناهي هوندي ايس بي سي اي جي وڪيل ڌڻي بخش لاشاري موقف ڏنو ته سڄي شهر ۾ غيرقانوني اڏاوت جي خلاف ڪارروائين ۾ مصروف آهيون پوليس گهٽ ٿي وئي آهي عدالت لاڳاپيل ادارن کي آپريشن دوران ايس بي سي اي سان تعاون جي هدايت ڪري ڇڏي عدالت غيرقانوني اڏاوت 15 ڏينهن ۾ مڪمل ڊاهي ڇڏڻ ۽ ملوث ايس بي سي اي آفيسرن ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت ٻڌني 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










