ناسا جي مدد کان خاموشي تائين پاڪستان جو خلائي پروگرام

ليکڪ   صادقه خان

 1962 ۾ پاڪستاني سائنسدانن صرف 9 مهينن جي ٿورڙ ي عرصي ۾ ”رهبر هڪ“ راڪيٽ جو تجربو ڪيو. ان بهترين شروعات جي باوجود 59 سالن کان پوءِ به پاڪستان جو خلائي پروگرام صرف ڪميونيڪيشن واري سيٽلائيٽ تائين رهجي ويو. ٻئي عالمي جنگِ کان پوءِ عالمي طور تي حالات بدلجي ويا. عالمي طاقتن ڄاڻي ورتو ته ايندڙ وقت ٽيڪنالوجيءَ جو آهي جنهن ۾ ميدان جي بدران جنگيون ٽيڪنالوجيءَ جي مدد سان وڙهيون وينديون. ان وقت آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ خلائي مقابلو زور تي هو. 12 سيپٽيمبر 1962 تي سابق آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي اعلان ڪيو ته 60 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ آمريڪا پنهنجو پهريون خلاباز چنڊ تي حفاظت سان لاهيندو. ڪينيڊي جي اوچتو اعلان کان پوءِ ناسا جا انجينئرز ۽ سائنسدان سخت پريشانيءِ ۾ هئا.

Photo Courtesy DW/Tariq Mustafa

ٻين سببن کان علاوھ هن مشن لاءِ ٽراجيڪٽري يا اهو رستو جنهن سان چنڊ تي محفوظ لينڊنگ ۽ زمين جي طرف واپسي آسان ٿئي، ان بابت صحيح انگ انکر موجود ئي نه هئا. ان دور ۾ جيڪي ماڻهوهي نه کٽندڙ ۽ مشڪل حساب لڳائيندا هئا انهن کي ”هيومن ڪمپيوٽر/انساني  ڪمپيوٽر“ سڏيو ويندو هو. ان حوالي سان آفريقي ڄائي ڪيٿرين جانسن اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ان کان اڳ ۾ خلاباز جان گلين کي زميني مدار جي چوگرد مشن لاءِ به صحيح انگ اکر ڏنا هئا. ناسا جي سائنسدانن کي هڪ مسئلو هي به رهيو جو هن مشن لاءِ هندي سمنڊ جي مٿان آب هوا جي صورتحال معلوم ڪرڻ جي ضرورت پئي، جنهن کي هو ”بليڪ هول ڊيٽا“ سڏيندا هئا. هن خطي مٿان آب هوا جو دٻاءُ، ان جو گھٽ وڌاءُ، گرمي پد ته جئين مڪمل ڄاڻ معلوم ٿئي. ناسا جي ماهرن هن خطي جي سڀني ملڪن کي هن تجربي جي آڇ ڪئي جنهن ۾ ڀارت به شامل هو. خوش قسمتي سان انهن ئي ڏينهن ۾ پاڪستان جو صدر جنرل ايوب خان آمريڪا جي دوري تي ويو، هن سان سائنسي صلاحڪار ڊاڪٽرعبدالسلام به گڏ هو. ڊاڪٽر طارق مصطفي ان دور ۾ پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن ۾ سينئر انجينئر هيو جنهن بعد ۾ رهبر هڪ راڪيٽ لانچ پروجيڪٽ جي اڳواڻي ڪئي. ان حوالي سان ڊاڪٽر طارق مصطفي ٻڌايوته سن 1961 ۾ هو آمريڪي ايٽامڪ انرجي ڪميشن ليبارٽري اوڪ رائج ۾ ٻه سالا فيلوشپ ڪري رهيو هو. جولائي 1961 ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام هن کي ناسا طرفان مليل آفر جو ٻڌايو. ناسا جو پاڪستان سان هي تعاون ٻن حصن تي رائج هو. پهريان پاڪستاني سائنسدانن کي راڪيٽ رينج تيار ڪري ناسا کي گھربل ڄاڻ جي لاءِ ٻاف جو تجربو ڪرڻ، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ 1961 کان 1964 تائين وڌيڪ راڪيٽ تجربا مڪمل ڪرڻ شامل هئا. ڊاڪٽرطارق ٻڌايو ته ان وقت هن جي ٽيم پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو حصو هئي ۽ سپارڪو اڃا پوري طرح  وجود ۾ نه آئي هئي. جلد ئي پاڪستان جي سائنسدانن جي جٿي کي آئس لينڊ راڪيٽ رينج جو دورو ڪرايو ويو ۽ ضروري سامان کان سواءِ تربيت به ڏني وئي.ان جٿي ۾ ڊاڪٽر سليم محمود، احمد ضمير فاروق، سڪندر زمان ۽ موسم واري محڪمي مان رحمت الله شامل هئا. هنن سائنسدانن ڏينهن رات محنت ڪري بلوچستان واري ساحلي علائقي سونمياڻي ۾ نه صرف راڪيٽ رينج قائم ڪئي پر 9 مهينن جي ٿوري عرصي ۾ پاڪستان جي پهرين راڪيٽ رهبرهڪ جو ڪامياب تجربو ڪري گھربل ڄاڻ ناسا جي ماهرين کي ڏني. ڊاڪٽر طارق مصطفي ٻڌائي ٿو ته ناسا جي ماهرين کي اپالو سريز لاءِ هندي ۽ عربي سمنڊ جي مٿان ڪجهه خاص جڳهن تان ٻاف جون تصويرون گھربل هيون. هن مقصد لاءِ سونمياڻي جي چوگرد پنج ڪيمرا لڳايا ويا ۽ 11 جون 1962 تي رهبر هڪ راڪيٽ ذريعي 50 کان 100 ميل جي مٿاهين تان سوڊيم جي ٻاف ڇڏي ڪري گھربل تصويرون حاصل ڪيو ن ويون. هن تجربي ما جيڪا ڄاڻ حاصل ڪئي وئي ان مان هنن جي ٽيم کي عربي سمنڊ مٿان موسم، ڪڪرن ۽ سائيڪلون وغيرھ جي باري ۾ خاص ڄاڻ حاصل ٿي. هن ڪامياب تجربي سان پاڪستان مسلم دنيا جو پهريون ۽ دنيا ئي سطح تي ڏهون ملڪ بڻجي ويو جنهن پنهنجو راڪيٽ لانچ ڪيو. ڀارت هي اهڙو تجربو 15 مهينن کان پوءِ نومبر 1963 تي ڪيو. رهبر هڪ سلسلي جو ٻيو راڪيٽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ 11 جون 1962 تي لانچ ڪيو ويو. ڊاڪٽر مصطفي ٻڌائي ٿو ته اسان پنهنجوڪم وڏي محنت ۽ سچائي سان ڪندا رهياسين ۽ 1969 ۾ سپارڪو جو ميرپور ۾ ٺهندڙ راڪيٽ پلانٽ ۾ ”رهنما ۽ شهپر“ سلسلي جا راڪيٽ ڪاميابيءَ سان تيار ڪيا. ايندڙ ڪجھ سالن دوران سپارڪو کي پئسن جي کوٽ کان سواءِ ڪجھ انتظامي معاملن جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو.

Photo Courtesy DW/Tariq Mustafa

رهبر هڪ لانچ جي ٽيم جي هڪ ميمبر سليم محمود جيڪو سپارڪو جو چيئرمين به رهيو آهي ٻڌايو ته هن وقت سپارڪو سائونڊنگ راڪيٽ، ڪميونيڪيشن ۽ ريموٽ سينسنگ سٽيلائٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان 2011 ۾ چين جي تعاون سان پنهنجو پهريون ڪميونيڪيشن سٽلائيٽ ”پاڪ سيٽ ون آر“ لانچ ڪيو جنهن جو مقصد براڊ بينڊ انٽرنيٽ، ٽيلي ايجوڪيشن ۽ ٻيون خدمتون حاصل ڪرڻ هو. 2018 ۾ پاڪستان چين جي تعاون سان پنهنجي سطح تي تيار ڪيل ريموٽ سينسنگ راڪيٽ به لانچ ڪيو. جولاءِ 2019 ۾ ان وقت جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وزير فواد چوڌريءَ اعلان ڪيو ته پاڪستان خلائي مشن جي لاءِ خلابازن جي چونڊ جو عمل 2020 ۾ شروع ڪندو ۽ 2022 تائين پاڪستان جو پهريون انسان وارو خلائي مشن موڪليو ويندو. هي اعلان ڀارت طرفان چنڊ جي طرف موڪليل مشن چندريان 2 جي لانچ جي صرف ٻن ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو تنهن هوندي به اڃان تائين هن حوالي سان ڪا به اڳڀرائي نظر نٿي اچي. بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر يار جان عبدالصمد بلوچ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ سينئر خلائي سائنسدان آهي. ڪيمبرج گريفين سينٽر ۾ ان جي تحقيق جو مرڪز نئو ن۽ خلائي ٽيڪنالوجي آهي ۽ هو يورپيئن اسپيس ايجنسي جي لاءِ ڪيترين ئي خلائي مشن ۾ مددگار رهيو آهي. ڊاڪٽر يار جان هن حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته پاڪستان جو خلائي پروگرام ناسا جي اپولو سلسلي سان شروع ٿيو.70 جي ڏهاڪي ۾ ناسا جيترا به مشن خلا ۾ موڪليا اهي سڀئي چنڊ سان واستو رکن پيا ۽ 1980 کان خلائي پروگرام ۽ تحقيق ۾ آهستي آهستي گھٽتائي ايندي وئي، اها گھٽتائي نه صرف پاڪستان ۾ پر عالمي سطح تي نه آئي. ان کان پوءِ گذريل ٻن ڏهاڪن کان خلائي پروگرامن ۾ اڳتي نڪرڻ  لاءِ تيزي آئي آهي. ڀارت، چين ۽ متحدھ عرب امارات جي خلائي مشن کانسواءِ نجي ڪمپنيون جيئن اسپيس ايڪس ۽ ورجن گليٽڪ به گھڻيون سرگرم آهن. اسان چئي سگھون ٿا ته پاڪستان هن ۾ پنهنجو حصو شامل نه ڪري رهيو آهي. پر منهنجو اهو خيال آهي ته کوجنا ڪنهن به ميدان ۾ سائنس کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. صرف خلا ۾ مشن يا خلاباز موڪلڻ سان مان مرتبو حاصل ڪرڻ ئي مقصد نه هجڻ گھرجي، جيئن تازو ئي 20 جولائي تي بليو ورجن جي مالڪ جيف بيزوز خلا ۾ ويو. اسان کي اهڙي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ گھرجي، جيڪا دنيا ۾ اڃا تائين ڪٿي نه هجي. جيئن ڪجھ سال پهريان ڪششِ ثقل جي لهرن وارو تجربو، جيڪو هڪ خاص مقصد لاءِ ڪيو ويو ۽ ان جي تحقيق سان وڌيڪ راهه هموار ٿي. ڊاڪٽر يار جان وڌيڪ چوي ٿو اڄ ڪلھ هڪ نئو ن پاسو ڪراس ڪٽنگ ٽيڪنالوجي جي نالي سان مشهوري ماڻي رهي آهي. هن ٽيڪنالوجي ۾ اهڙيون شيون ايجاد ڪيو وڃن ٿيون پوءِ ڀلي انهن جو واسطو دفاع سان هجي يا خلائي برتري سان، ان سان گڏوگڏ اهي زمين تي انسانن جي زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃن ٿيون. (هي مضمون ڊوچي ويلي يعني ڊي ڊبليو جي اردو ويب سائيٽ تي شايع ٿيو جتان جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو.)jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو