ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نارٿ ناظم آباد ۾ ڪار مان 30 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.پوليس موجب نارٿ ناظم آباد ۾ لنڊي ڪوتل چورنگي وٽ ڪار مان لاش هٿ اچڻ جو واقعو پيش آيو.پوليس موجب عباسي شهيد اسپتال جي ايم ايل او موجب لاش 7 کان 8 ڪلاڪ پراڻو آهي، ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته مارجي ويل شخص جي عمر 30 سالن جي لڳ ڀڳ آهي.پوليس موجب، گاڏين جا سمورا در بند هئا، واقعي بابت ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ موجود لاش ڀرسان چوڪيدار جو چوڻ آهي ته فوتي جو خاندان اسپتال ۾ آهي.










