ناري قتل ڪيس ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (بيورو رپروٽ) اڳوڻي سفير شوڪت مقدم جِي ڌيءُ جَي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس قتل واري ڪمري جي تصوير جاري ڪئي آهي جنهن ۾ سامن وکريو پيو آهي ۽ فرش تي رت جا داغ به آهن. جوابدار طرفان قتل کان اڳ ناري سان لڄالٽ ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ايس ايس پي جاچ عطاءُ الرحمان ۽ اي ايس پي ڪوهسار  آمنا بيگ سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته جوابدار ناري نور مقدم سان جنسي زيادتي وقت هوش حواس ۾ هو.

نور مقدم کي بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته جوابدار ظاهر جعفر جَي گهر مان پستول هٿ ڪيو ويو جنهن ۾ گولي ڦاٿل هئي، قتل ۾ پستول استعمال نه ٿيو آهي. نور مقدم ٻن ڏينهن کان گهر ۾ موجود نه هئي. ايس ايس پي چيو ته جاچ ڪريون پيا ته ناري ڪيترو عرصو اُن گهر ۾ هئي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم بابت راءِ ڏيڻ نٿا چاهيون. واضع رهي ته عيد جي رات 20 جولاءِ تي پنهنجي ئي دوست ظاهرجعفر هٿان ناري نور مقدم ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪئي وئي. مقتول ناري جي والد اڳوڻي سفارتڪار شوڪت مقدم جي فرياد تي ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار ظاهر جعفر گرفتار آهي، پوليس پاران واقعي جي جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو