خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ڪنگري ۾ هلندڙ ناريجا ۽ اوڍا برادرين جي پراڻي تڪرار تان اوڍا برادري جي ناريجا برادري جي ڳوٺ تي چڙهائي، جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جو هڪ هڪ ڄڻو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو فائرنگ جو سلسلو جاري علائقي ۾ خوف ڇائنيل آهي. ڪنگري جي فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو تي هٿياربندن جو حملو راڪيٽ لانچر جا گولن دان سان گڏ ڇتي فائرنگ گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي هڪ نوجوان سڄڻ پٽ راحب ناريجو قتل ۽ هڪ عبدالرشيد ناريجو زخمي ٿي پيو جڏهن ته جهيڙي دوران اوڍا برادري جو هڪ ڄڻو ربڏنو پٽ ڪريم بخش اوڍو مارجي ويو ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ هلندڙ آهي ناريجا برادري جي مارجي ويل نوجوان جي پيء راحب ناريجوصحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ تي پوليس جي مدد سان اوڍا ۽ جتوئي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪري راڪيٽ لانچر جا گولا هنيا جنهن ۾ منهنجو هڪ پٽ اٺين ڪلاس جو شاگرد سڄڻ ناريجو گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ عبدالرشيد ناريجو زخمي ٿي پيو آهي. ڪنگري جي ڪچي ۾ ناريجا، اوڍا تڪرار تان جهيڙي ۾ فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.










