لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم هڪ ڏينهن ۾ 2 ميچون کٽي ناروي ڪپ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتي.ناروي ڪپ جا فٽبال مقابلا اوسلو ۾ جاري آهن، پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم انڊر 17 ڪيٽيگري ۾ حصو وٺي رهي آهي.خميس تي پاڪستان ناڪ آئوٽ رائونڊ جا ٻه ميچ کيڏيا ۽ ٻنهي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.32 جي پهرين مرحلي ۾ پاڪستان جو مقابلو مولڊ فٽبال ڪلب سان ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم 0-4 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. هن ميچ ۾ طفيل شنواري ٻه گول ڪيا، فيصل ۽ وهاب هڪ هڪ گول ڪيو.ان کان پوءِ پري ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو ٽريسل ڪلب سان ٿيو ان ميچ ۾ به پاڪستان جي ڪاميابي جو اسڪور 0-4 رهيو.پري ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جي عبدالله 2 گول ڪيا جڏهن ته شاهه مير ۽ عبدالوهاب هڪ هڪ گول ڪيو.ان ڪاميابي سان پاڪستان ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم جمعي تي پنهنجي ڪوارٽر فائنل ميچ کيڏندي.










