نادرا جو هڪ ٻيو ڪارنامو، جنسي ڏوهارين جي ڊيٽا بيس تيار

نادرا جو هڪ ٻيو ڪارنامو، جنسي ڏوهارين جي ڊيٽا بيس تيار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) نيشنل سيڪس آفينڊرز رجسٽري (NSOR) پليٽ فارم تيار ڪيو آهي جنهن سان گڏ هڪ ايس ايم ايس ويريفڪيشن سروس شهرين ۽ ادارن کي ٻارن ۽ عورتن خلاف جنسي ڏوهن جي سزا يافته ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ٽريڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. اهو جنسي ڏوهارين جو هڪ متحرڪ ڊيٽابيس آهي. مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبائي حڪومتن سان رابطا قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن تازي ڊيٽا به اپ ڊيٽ ڪري سگهجي. هن قدم جو مقصد عوامي خدمت کي وڌيڪ متحرڪ ۽ ذميوار بڻائڻ آهي ادارن ۽ ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جنسي تشدد ۽ بدسلوڪي کي روڪڻ لاءِ هي پليٽ فارم مددگار ثابت ٿيندو. نادرا چيئرمين طارق ملڪ جو چوڻ آهي ته منهنجي دلي خواهش هئي ته هي يٿا جلد مڪمل ٿئي جيئن ٻارن ۽ عورتن خلاف جنسي تشدد کي روڪي سگهجي. هن چيو ته گهريلو ملازم، ٽيوشن، ديني سبق پڙهائڻ يا سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ڪنهن به شخص کي ملازم رکڻ کان اڳ ڪو به شهري ملازم جو شناختي ڪارڊ نمبر ملائي سندس بابت ڪرائيم هسٽري معلوم ڪري سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو