نائلا ڪياني هڪ ٻيو اعزاز، بلند ترين چوٽي مڪالو سر ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني خاتون جبل سوار نائلا ڪياني هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.نائلا ڪياني دنيا جي پنجين بلند ترين چوٽي مڪالو تي چڙهائي ڪئي جيڪا 8485 ميٽر بلند آهي.نائلا ڪياني اڄ صبح نيپال ۾ دنيا جي پنجين بلند ترين چوٽي ماڪالو سر ڪري تاريخي سنگ ميل حاصل ڪري ورتو، نائلا ڪياني مقامي وقت موجب صبح 9 لڳي 35 منٽن تي مڪالو سر ڪري ورتي.نائلا ڪياني پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت بڻجي وئي آهي جنهن 8 هزار ميٽرن جي 11 چوٽيون سر ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو