ملڪ ۾ نئين آدم شماري جلدي ڪرائي ويندي، اسد عمر

ملڪ ۾ نئين آدم شماري جلدي ڪرائي ويندي، اسد عمر

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) فوري طور تي نئين مردم شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي .گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نومبر 2017 جي اجلاس ۾ 1 سيڪڙو نموني جي ٻيهر آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، پوءِ آڊٽ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. 1 سيڪڙو کان  وڌائي 5 تائين ڪيو ويو . هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل شمارياتي ايجنسي جي سفارشن سان اتفاق ڪيو جڏهن ته ڪابينا ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن  سفارشون مرتب ڪيون.اسد عمر چيو ته چونڊون نئين مردم شماري جي بنياد تي ٿيون ، اڄ مردم شماري جي نتيجن کي اڪثريت ووٽ ذريعي منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته انتظار ڪرڻ نه پر ايندڙ مردم شماري لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته بنيادي مردم شماري واري فريم ورڪ تي ڪم ڇهن کان اٺن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ نئين مردم شماري سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ شروع ٿي ويندي ، نئين مردم شماري مارچ 2023 تائين مڪمل ٿي ويندي.اسد عمر چيو ته نئين مردم شماري ٽيڪنالاجي ۽ اقوام متحده جي پرنسپلن جو استعمال هوندي ، ايندڙ مردم شماري آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندي ۽ مردم شماري 18 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندي ، ايندڙ عام چونڊن کان اڳ نئين مردم شماري تي حلقه بنديون ڪري سگهجن ٿيون.وفاقي وزير چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو فيصلو سندس آئيني حق هو ، پراڻي مردم شماري کي صحيح نٿو ڪري سگهجي يا استعمال نٿي  ڪري سگهجي ، هو چاهي ٿو ته سموريون سياسي پارٽيون ۽ صوبائي حڪومتون نئين مردم شماري لاءِ گڏ ٿين ، اميد آهي ته ماڻهن جا نمائندا نئين مردم شماري تي قومي اتحاد لاءِ گڏ هوندا.هن چيو ته نئين مردم شماري لاءِ 23 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا ، قومي سلامتي سڌي ريت مردم شماري سان جڙيل آهي ، مردم شماري تي ايم ڪيو ايم جا خدشا به اسان جا آهن ، تنهن ڪري پراڻي مردم شماري کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ  نئين مردم شماري ڪرڻي پوندي .

پهنجو تبصرو موڪليو