نئين دهلي ۾ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن ڀرسان ڌماڪو، 9 ڄڻا مارجي ويا

نئين دهلي ۾ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن ڀرسان ڌماڪو، 9 ڄڻا مارجي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن ڀرسان ڪار ڌماڪي ۾ 9 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته لال قلعي ميٽرو اسٽيشن جي گيٽ نمبر هڪ ڀرسان هڪ گاڏي جيڪا آهستي هلي رهي هئي ۽ ريڊ سگنل تي بيٺي ته ڌماڪو ٿيو، فوري طور ڌماڪي جي نوعيت معلوم ناهي ٿي سگهي. اختيارين موجب ڌماڪي کانپوءِ 6 گاڏين ۽ 3 رڪشن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل 9 ڄڻن جا لاش اسپتال پهچايا ويا آهن. ڌماڪي بعد ماڻهن جو هجم گڏ ٿيو جنهن کي پوليس پوئتي هٽائي ڪرائيم سين کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو