نئون ديرو ۾3 ڏينهن وارو ڇهون ڪتابي فيسٽول پنهنجي پڄاڻي تي پهتو

نئون ديرو ۾3 ڏينهن وارو ڇهون ڪتابي فيسٽول پنهنجي پڄاڻي تي پهتو

نئون ديرو(رپورٽ شاد ڀٽو) نئون ديرو ۾ سرتيون سکيا سينٽر، سوشل اوئيرنس ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن ، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي سهڪار سان 3 ڏينهن وارو ڇهون ڪتابي فيسٽول پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ، بڪ فيسٽيول جي آخري ڏهاڙي شهر جي معززين ۽ شهر جي سماج سدارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي فيسٽيول جي آخري ڏهاڙو سرڪاري موڪل آچر جو ڏهاڙو هجڻ ڪري شاگرد توڙي شاگردياڻن وڏي تعداد ۾ اچي معلوماتي ۽ تدريسي بڪ مناسب اڳهن تي خريد ڪيا، پبلڪ پارڪ نئون ديرو ۾ لڳندڙ هر سال جيان هن سال واري ڇهين ڪتب ميلي ۾ شهر جي معززين سائين غلام حسين ڪٽپر، عزيز احمد ڪٽپر، سگا اڳواڻ عبدالطيف ڪرٽيو، شريف ڀرچونڊ، امان الله ڀٽو، لياقت ابڙو ۽ ٻين معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان دوران ڪهي آيل معزز شهرين جو چوڻ هيو ته ڪتاب انسان جي روح جي گزا آهي ۽ ڪتاب انسان جو هڪ سٺو دوست آهي جيڪو ڪڏهن به جدا ناهي ٿيندو ڪتاب جي پڙهڻ سان انسان گهڻو ڪجھ سکي سگهي ٿو، ان لاءِ اسان سڀني کي گهرجي ته فارغ وقت ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪري ذهني دٻائو کان بچي سگهون ٿا، بڪ فيسٽيول ۾ آيل شهرين ۽ معززين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته اهڙن بڪ فيسٽيولن جو سرڪاري سطح تي اهتمام ڪيو وڃي ته جئين عام ماڻهو ۽ ٻوڏ ۽ سيلاب کان متاثرين ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، بڪ فيسٽيول جي آرگنائزز فياض حسين ابڙو، خالد حسين ڪوري، عزيز احمد ڪٽپر، ۽ ٻين پاران شهرين پاران پهرپور تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو