نئون ديرو: (ن س) نئون ديرو ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار مزدا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار مدئجي واسي قربان پنهور ۽ سندس زال تسليم فوت ٿي ويا. جڏهن ته ساڻن گڏ 2 معصوم ٻارڙا زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويلن جي لاشن کي نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.انهي حوالي سان فوت ٿي ويل نوجوان جي ماسات محمد يوسف ٻڌايو ته اسان مدئجي ڀرسان ڳوٺ پنهور پليجا جا رهواسي آهيون گهر ۾ شادي جي تقريب هئي جنهن لاءِ خريداري ڪرڻ لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئاسون ته حادثو پيش آيو، فوتي نوجوان مدئجي ۾ دڪان هلائي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو هو، پوليس موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ ڊرائيور محمد رفيق لولائي کي موقعي تان گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.هوڏانهن علائقي واسين ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي تيز رفتاري ۽ ٽريفڪ پوليس جي غير موجودگي سبب اهڙا حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.










