ملير )ڊ ر) رزاق آباد ۾ مستوئي ۽ مگسي برادرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نبيرو، مستوئي برادري جي سردار ظفر خان مستوئي ۽ مگسين جي مير نادر خان مگسي جي ڪاٺوڙ ۾ ٿيل نبيري ۾ عبدالغفار مگسي ڌر مياري قرار، اڍائي لک روپيا ڏنڊ ۽ ميڙ وٺي مستوئين کي تڏو ڏيڻ جو فيصلو ، مستوئين ميڙ کي مان ڏيندي 1 لک 80 هزار رپيا معاف ڪري ڇڏيا باقي ستر هزار ڪجهه ڏينهن ۾ ادا ڪيو ويندا، ڌريون ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويون. هڪ هفتو اڳ ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ مستوئي ۽ مگسي برادرين ۾ جهيڙو ٿيو هو.










