مڪلي کانپوءِ ڪينجهر تي به قبضا جاري، انتظاميه خاموش

ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ ) مڪلي جي تريخي قبرستان تي قبضا ڪرڻ بعد هاڻي قبضا مافيا ملڪ جي ٻيو نمبر مٺي پاڻي جي وڏي ڍنڍ ڪينجهر تي به قبضا شروع ڪيا آهن. ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا ڄاڻ هوندي به مجرماڻي غفلت ۽ خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. نوري ڄام تماچي جي عشقيه داستان سان لاڳاپيل ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف بااثر ماڻھن قبضا ڪري مقامي ماھيگيرن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي. ويتر چل سائيٽ وٽان ڪينجھر ڍنڍ اندر بااثر ماڻھن ڳرين مشينن ذريعي طاقت جي زور تي سوين ايڪڙ ڪينجھر ڍنڍ جي زمين تي قبضا ڪري بند ڏيارڻ جو ڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي، پر ڪينجھر ڍنڍ تي ڪم ڪندڙ سمورا ادارا خاموش تماشائي بڻيل آھن.

Photo Sindhyar

سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي ۽ ڪينجھر طرفان ڪينجھر ڍنڍ تي ٿيل قبضي خلاف احتجاج ڪندي سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو، محمد ايوب ملاح، عبدالحڪيم گندرو، محمد خان ملاح، نثار احمد عرف ڇٽو، محمد سومار گندرو ۽ ٻين چيو ته ڪينجھر ڍنڍ ھزارين ماھيگيرن جي روزگار جو واحد وسيلو آھي، جنھن تي ڪوبه غيرقانوني قبضو برداشت نه ڪنداسين. ھنن چيو ته ڪينجھر ڍنڍ جي چل سائيٽ واري پاسي بااثر قبضا مافيا قبضا ڪري داداگيري سان ڳرين مشينن ذريعي بند ڏيئي قبضا ڪيا پيا وڃن، پر ڪينجھر ڍنڍ تي ڪم ڪندڙ ايريگيشن، واٽربورڊ، وائلڊ لائيف کاتي، فشريز کاتي سميت سمورا ادارا توڙي ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائنده به خاموش بڻيل آھن، جنھن ڪري قبضن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.

Photo Sindhyar

ملاح اڳواڻن چيو ته ڪينجھر ڍنڍ تي ٿيل قبضي جي آگاھي ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو، ايس ايڇ او ڪينجھر سميت ايريگيشن کي پڻ ڏني ويئي آھي، پر اڃان تامين ڪنھن به تحرڪ ناھي ورتو. ھنن گھر ڪئي ته چل سائيٽ سميت ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف ٿيل سمورا غيرقانوني قبضا خالي ڪرائي قبضاگيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ماھيگيرن جي روزگار جي وسيلن کي بچائڻ سميت خاموشي اختيار ڪندڙ ادارن خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت ۾ وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو