مڪاني چونڊون، پ پ اڳواڻ ترقياتي ڪمن ۾ رڌل

مڪاني چونڊون، پ پ اڳواڻ ترقياتي ڪمن ۾ رڌل

باڊھ (ن سنڌيار)پاڪستان پيلز پارٽي ايم پي اي سردار حذب الله خان ٻگهيو جي ڪوششن سان باڊھ شھر جي مين بازار جو ڪم تيزي سان شروع ٿي ويو آھي جنهن سان باڊھ جي عوام خوشي لهر شائجي وئي هر طرف جئي ڀٽي جئي ٻگهيو جا نعره بلند رهيا ان موقعي تي باڊھ جي عوام ميڊيا سان ويچار ونڊيندي چيو ته اسين باڊھ جا باشعور عوام جناب حزب الله خان ٻگهيو جاٿورائتا آھيون جنهن هن ڏکئي وقت ۾ به باڊھ جي عوام جي سار لڌي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته باڊھ جي 14 وارڊن جا سار سنڀال لهي انهن کي ترقياتي ڪم جلد پورا ڪيا وين ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان وابستا برڪت علي چنا ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته باڊھ جا 14 وارڊن رهيل ڪم به شروع ڪيا ويندا ۽ سندس رٿ تي باڊھ باء پاس تي منظور ڪرايل ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو ۔ ان موقعي تي باڊھ جي معززن صحافي برادران سياسي سماجي ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هلندڙ ڪم دوران معلوم ورتي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو