مڪاني ايڪٽ ۾ اهم ترميم،ميئر ڪير به ٿي سگهندو

مڪاني ايڪٽ ۾ اهم ترميم،ميئر ڪير به ٿي سگهندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي مڪاني ايڪٽ ۾ اهم ترميم ڪري ڇڏي، جنهن لاءِ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪنهن به شخص کي بڻائي سگهجي ٿو، جنهن کي 6 مهينن اندر چونڊ وڙهڻي پوندي. سنڌ اسيمبلي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اهم ترميم منظور ڪئي وئي. ايوان ۾ تقرير ڪندي مڪاني کاتن واري وزير ناصر شاهه چيو ته اها ترميم آئين موجب پيش ڪئي وئي آهي، جيئن مرڪز ۾ ڪو شخص وفاقي وزير بڻجي ويندو آهي ۽ 6 مهينن اندر چونڊيل ميمبر ٿيندو آهي، هيءَ اهڙي ئي قسم جي ترميم آهي. مڪاني قانون ۾ ترميم جي ايوان ۾ جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم به حمايت ڪئي، ايوان ۾ تحريڪ انصاف جا ميمبر موجود نه هئا، قائم مقام اسپيڪر ترميم کي گڏيل طور منظور ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ترميم کانپوءِ ڪراچي جي ميئر کي 6 مهينن اندر اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، پ پ ذريعن موجب ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب انتهائي مضبوط اميدوار آهي، جنهن جي مقرري جو اعلان بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو