ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سهراب گوڙ جي علائقي ايوب گوڙ ۾ شهري جي قتل جو معاملو حل ٿي ويو آهي.پوليس موجب سهراب گوڙ واري علائقي ۾ زال اشنا سان گڏجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس مقتول جي زال ۽ سندس واقفڪار کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب 21 اپريل تي ايوب ڳوٺ ۾ فائرنگ ڪري آصف نالي شهري کي قتل ڪيو ويو هو، مقتول مقامي واپاري هو.مقتول جي زال حميرا پنهنجي واقفڪار شعيب سان گڏجي مڙس آصف کي قتل ڪيو هو، ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.حميرا پنهنجي مڙس کي مارڻ لاءِ هٿيار شعيب کي ڏنو هو.جوابدار آصف سان پراپرٽي لاءِ شادي ڪئي هئي، نڪاح کانپوءِ جوابدار شعيب سان لاڳاپا هلائي رهيو هو.آصف کي ڀڄائڻ لاءِ جوابدار شعيب سان گڏجي قتل جي رٿابندي ڪئي.واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ جوابدار کي واقعي کانپوءِ ڏاڪڻ تان فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.قاتل شعيب کي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ وڏي چادر ۾ ويڙهيو ويو، واقعي کانپوءِ جوابدار بنا خوف جي فرار ٿي ويو.










