اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مٽي جو تيل 6 رپيا 85 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو.اوگرا پاران مٽي جي تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب مٽي جي تيل جي نئين قيمت 227 رپيا 5 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ مٽي جي تيل جي قيمت 233 رپيا 90 پئسا في ليٽر هئي. واضح رهي ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 299 رپيا 50 پئسا برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت به 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










