مٽياري (ن س )مٽياري ۾ گهٽي جي تڪرار تان ٻن ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس موجب، مجيداڻا ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ، ڪهاڙين ۽ لٺين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.واقعي کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري جي مطالبي تي هڪ ڌر پاران قومي شاهراهه (نیشنل هاءِ وي) تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي ڪري شاهراهه بند ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ آهي ته مظاهرين سان ڳالهيون جاري آهن.










