ميگا ڪرپشن اسڪينڊل، جوابدار 4 ارب 5 ڪروڙ ادا ڪري آزاد

ميگا ڪرپشن اسڪينڊل، جوابدار 4 ارب 5 ڪروڙ ادا ڪري آزاد

پشاور(ويب ڊيسڪ)نيـب پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي هڪ ئي وقت رڪوري ڪئي آهي، جنهن تحت ڪوھستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار قيصر اقبال جي فرنٽ مين، ڊمپر ڊرائيور ممتاز خان، قومي خزاني ۾ 4 ارب 5 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائڻ بعد آزاد ٿي ويو آهي۔
نيب ذريعن موجب، ڪوھستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار ممتاز خان پلي بارگين جي رقم نقد، جائيدادن ۽ گاڏين جي صورت ۾ قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار قيصر اقبال مبينا طور پنهنجي فرنٽ مين ڊمپر ڊرائيور ممتاز خان کي استعمال ڪيو، جنهن جعلي ڪمپني جي نالي تي بينڪ اڪائونٽ کوليا ۽ انهن جي ذريعي قومي خزاني مان وڏي رقم ٻاهر منتقل ڪئي۔
گذريل ڏينهن جوابدار ۽ پلي بارگين بابت درخواست جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي انتظامي جج ظفر خان ڪئي، جنهن دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيـب خيبر پختونخوا محمد علي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته جوابدار ممتاز ڪوھستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث آهي۔
هن عدالت کي ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ نيـب جوابدار کان باقاعده جاچ ڪئي ۽ سندس اڪائونٽ مان 4 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن بابت ثبوت حاصل ڪيا، جڏهن ته ان دوران جوابدار نيـب اختيارين کي درخواست ڏني ته هو پلي بارگين ڪرڻ چاهي ٿو، تنهنڪري سندس پلي بارگين جي درخواست منظور ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت اها درخواست منظور ڪري ورتي۔

پهنجو تبصرو موڪليو