ڪراچي (رپورٽر) گڏاپ جي ناگوري سوسائٽي ۾ مينهن جي واڙن تي ڪم ڪندڙ سوين گوالن جون پگھار وڌائڻ لاءِ احتجاج نعاري بازي، جيڪڏهن پگھار سورنھن ھزارن کان وڌائي 25 ھزار نه ڪيو ويو ته ناگوري جي 2 ھزار کان مٿي واڙن ۾ ھزارين مزدور کير جو ڏھائي بند ڪري ڇڏيندا، حڪومت سنڌ توڙي وفاق پاران مزدورن لاءِ 25 ھزار اعلان ڪيو ويو، پر واڙن ۾ نوڪري ڪندڙ مزدورن کي چوويھ ڪلاڪ نوڪري جا سورنھن ھزار ڏنا وڃن ٿا، تفصيل موجب، گڏاپ جي ناگوري سوسائٽي ۾ مينھن جي واڙن تي ڪم ڪندڙ مزدورن پاران پگهارون وڌائڻ لاءِ احتجاج ڪندي، گورنر ٻلال، لياقت مڱڻھار، راحب ابڙو، ببلو خاصخيلي، ڀليڏنو ٻلال، ٻيجي جوڻيجو، عرفان مڱريو، آفتاب مڱڻهار، گل شير مجيداڻو، ۽ ٻين سوين مزدورن سخت احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت پاران 25 ھزار منھينو پگهار مقرر ڪيو ويو پر اسان جي ناگوري سوسائٽي ۾ 2 ھزار کان مٿي مينهن جي واڙن تي ھزارين مزدور 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود سيٺ سورنھن ھزار پگهار ڏين ٿا اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته کير جي قيمتن کي سيٺ چوٽ چڙهي ويٺا آهن پر اسان جون پگهارون ساڳيون آهن انهن حڪومت سنڌ توڙي وفاق کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي پگهارن کي وڌائي 25 ھزار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مال جي ڏھائي بند ڪري ڇڏيندا سين، انھن چيو ته سيٺن کي به سوچڻ گهرجي ته ھن مھنگائي جي دور ۾ سورنھن ھزارن ۾ ڪجھ ڪون ٿو ملي، انھن چيو ته جيڪڏهن پگھار نه وڌيا ته اسان ڏھائي بند ڪري احتجاج ڪنداسين،










