نئين دلي(ويب ڊيسڪ)ليونل ميسي جي هندستان جي دوري دوران ڪولڪتا جي سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ۾ حاضر ٿيل ڪاوڙيل مداحن ڪرسيون ڀڃي ڇڏيون ۽ شيون پچ ڏانهن اڇلايون. ڇو ته ليونل ميسي مختصر وقت لاءِ آيو ۽ جلدي روانو ٿي ويو.
هزارين پرجوش مداحن 12 هزار روپيا ٽڪيٽ وٺي ميسي سان ملڻ آيا هئا. پر هو مايوس ٿي ويا جڏهن هو پچ جي چوڌاري گهمڻ لاءِ نڪتو، پر آفيسرن ۽ مشهور شخصيتن جي وڏي گروهه سبب هو نظر ئي نه پئي آيو.
جڏهن ارجنٽائن ۽ انٽر ميامي جو فارورڊ سيڪيورٽي طرفان تقريباً 20 منٽن کان پوءِ جلدي واپس هليو ويو، ته ڪجهه ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ۽ سيڪورٽي وارن مٿان ڪرسيون اڇلايون.
مغربي بنگال جي چيف منسٽر ممتا بينرجي چيو ته هوءَ هن واقعي تي ”تمام گهڻو پريشان ۽ حيران“ آهي.
ميسي هندستان ۾ پنهنجي ’GOAT ٽوئر‘ لاءِ آيو آهي، جيڪو ڪولڪتا، حيدرآباد، ممبئي ۽ نئين دهلي ۾ پروموشنل ايونٽس جو سلسلو آهي.
هن جي ٽوئر جي شروعات ڪولڪتا ۾ هن جي پنهنجي 70 فوٽن جي مجسمي جي افتتاح سان ٿي، جيڪو 45 ماڻهن جي ٽيم طرفان 27 ڏينهن ۾ تيار ڪيو ويو هو.
سيڪيورٽي رسڪ سبب ان جو ورچوئل طور تي افتتاح ڪيو ويو، جنهن ڪري هزارين مداح شهر جي اسٽيڊيم ڏانهن ويا ته فٽبالر کي ڏسڻ جو موقعو ملي پر هو جهلڪ نه ڏسي سگهيا. اهي نعرا هڻي رهيا هئا، جرزيون خريد ڪري رهيا هئا ۽ ”آئي لَو ميسي“ هيڊ بينڊ پائي آيا هئا.
ميسي شروع ۾ اسٽيڊيم جي چوڌاري مداحن ڏانهن هٿ لوڏيندو گهميو، پر ڇنڇر تي هن جي ظاهر ٿيڻ کي اوچتو ختم ڪرڻ کان پوءِ، مايوس مداحن پچ تي حملو ڪيو ۽ بينر ۽ ٽينٽن کي نقصان پهچايو، جڏهن ته ٻين پلاسٽڪ جون ڪرسيون ۽ پاڻي جون بوتلون اڇلايون.
اي ايف پي موجب 2022 ورلڊ ڪپ فتح ڪندڙ – جنهن کي فٽبال جي سڀ کان وڏن رانديگرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو – کي اسٽيڊيم ۾ مختصر نمائشي گيم کيڏڻ جي اميد هئي،
جيئن ئي ميسي غائب ٿيڻ جو احساس ٿيو، مقامي ميڊيا چوي ٿي ته منظر بدصورت ٿي ويو. ”صرف ليڊر ۽ اداڪار ميسي جي چوڌاري هئا … اسان کي ڇو سڏيو ويو هو … اسان 12 هزار روپين جي ٽڪيٽ ورتي هئي، پر هن جو منهن به نه ڏسي سگهياسين“، اسٽيڊيم ۾ هڪ مداح هندستاني نيوز ايجنسي اي اين آئي کي ٻڌايو .
هڪ ڪاوڙيل مداح پريس ٽرسٽ آف انڊيا نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته ماڻهن هڪ مهيني جي تنخواه جي برابر ادا ڪيو هو ته هو ميسي جو ديدار ڪري سگهن.
”مان 5,000 روپيا ٽڪيٽ لاءِ ادا ڪيا ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ ميسي ڏسڻ آيو هوس، سياستدان نه. پوليس ۽ فوجي اهلڪار سيلفيون وٺي رهيا هئا، ۽ مئنيجمينٽ کي قصوروار ٿيڻ گهرجي.“
ڪولڪتا هندستاني رياست مغربي بنگال جو گاديءَ جو شهر آهي ۽ ڪرڪيٽ جي ديواني ملڪ ۾ فٽبال مداحن جو وڏو ڳڙهه آهي. شهر ۾، مقامي ڪلبن جي ڊربي ۾ لکين مداح اسٽيڊيم تي گڏ ٿيندا آهن.
واقعي جي انڪوائري جو اعلان ڪندي، بينرجي ميسي ۽ ”اسپورٽس پريمي“ کي اسٽيڊيم ۾ واقعي لاءِ معافي ڏني. هن چيو ته ”ڪميٽي واقعي جي تفصيلي انڪوائري ڪندي، ذميواري طئي ڪندي، ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سفارشون ڏيندي،“
ڇنڇر جي شروعاتي ڪلاڪن ۾، هزارين ماڻهن روڊن تي قطارون لڳايون ۽ ميسي جي رهائش واري هوٽل ٻاهران گڏ ٿيا ته هن جي جهلڪ ڏسڻ جي ڪوشش ڪن. 24 سالن جو نوجوان هتيش ڪارپوريٽ وڪيل، تقريباً 1,900 ڪلوميٽر پري يعني بينگلور کان فلائيٽ تي پهتو هو پر ديدار نه ڪري سگهيو.
”ميسي اهو رانديگر آهي جنهن سان مان سڀ کان وڌيڪ لاڳاپو محسوس ڪندو آهيان، ڪير به هن جي ٽيلنٽ جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. هو مون کي اميد ڏئي ٿو ته ٽيلنٽ سان ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو.“
رائٽرز جي خبر موجب ويسٽ بنگال پوليس جي ڊي جي راجيو ڪمار تصديق ڪئي آهي ته ايونٽ جو انتظام ڪندڙ ستدرو دتا کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.










