راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي اتر وزيرستان ضلعي جي مير علي ۾ هڪ فورسز ڪئمپ تي خارجين جي حملي کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ خودڪش بمبار سميت 4 خارجي مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن موجب خارجي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي خودڪش حملي جي ڪوشش ڪئي. هڪ بارود سان ڀريل گاڏي فورسز ڪئمپ جي ڀت سان ٽڪرائي جنهن ۾ ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته 3 وڌيڪ خارجي ڪئمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، بروقت ڪارروائي ۾ ڪئمپ کان ٻاهر ٽن خارجين کي ماري ڇڏيو. واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪو به نقصان نه پهتو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، گذريل ٻن ڏينهن ۾ افغان طالبان جي حمايت يافته 88 خوارج مارجي ويا آهن.










