ڪراچي (رپورٽر): سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن مير رضا جي فوتگيءَ واري معاملي تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ بعد تعزيراتِ پاڪستان جي قلم 302 (قتل) تحت شفاف، غيرجانبدار ۽ نئين سري سان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. هاءِ ڪورٽ بار مطالبو ڪيو آهي ته ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي سي آءِ اي ۽ ايس ايس پي ايسٽ کي تحقيقات کان ڌار ڪري شواهد ضايع ڪرڻ يا لڪائڻ جي نئين سر فوري نيوٽرل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ملوث ذميوارن خلاف بغير ڪنهن سياسي اثر و رسوخ جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.










