ميرپور بٺوري جي مختلف ڳوٺن ۾ لمپي اسڪن جا راڱا

ميرپور بٺوري جي مختلف ڳوٺن ۾ لمپي اسڪن جا راڱا

دڙو (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) تعلقي ميرپوربٺورو جي سوين ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ پيدا ٿيل نئين”لمپي اسڪن” بيماري تباھي مچائي ڇڏي. روزانو سوين ڍور موذي بيمارين وگھي مري رهيا آهن. مختلف يونين ڪائونسلن دڙو، ٻنون لائقپور حسين پور بچل گگو ڪنڊور، جھوڪ شريف، درياھ خان سوھو، اڪبر شاھ، شاھ محمد شاھ، مھر شاھ سميت ٻين يوسيز جي مختلف ڳوٺن رتو لاشاري، ٻنون شھر، ڳوٺ احمد لنڊاڻ،  ڳوٺ عمر جاکرو، ڳوٺ ابن لاشاري، ڳوٺ بابو لاشاري، ڳوٺ ڪريم ڏنو خاصخيلي، ڳوٺ عبدالله لاشاري، ڳوٺ روحل لاشاري، ڳوٺ الھڏنو ملاح، ڳوٺ محمد سھتو، ڳوٺ دلمراد جاکرو، ڳوٺ عبدالله پنڃارو، ڳوٺ نور محمد پنڃارو، ڳوٺ سومار لاشاري، ڳوٺ علي بحر ملاح، ڳوٺ شيدو جاکرو، ڳوٺ سھراب لاشاري، ڳوٺ بچل جماري، ڳوٺ ڪارو لاشاري، ڳوٺ محمد لاشاري، ڳوٺ پيربخش ڀنڀرو، ابڙال سميت ٻين مختلف ڳوٺن ۾ نئين پيدا ٿيل خطرناڪ بيماري لمپي، بخار، زڪام سميت ٻين بيمارين سبب ھفتي دوُران 2 سوُ کان وڌيڪ ڍڳيون، مينھون، ٻڪريون، ڇيلا، رڍون، پاڏا موت جو شڪار ٿي ويا آھن. مالوند ماڻھن بچل لاشاري، سليم ملاح، منظور کٽي، اقبال لاشاري، ابراھيم ملاح،  احمد لنڊاڻ، خدا بخش جانوري، وفا مشتاق لاشاري ۽ ٻين ميڊيا” کي ٻڌايو ته ڪافي مھينن کان وٺي ميرپوربٺوري تعلقي جي مختلف يوسيز ۽ انھن جي ديھن ۾ چوپائي مال اندر پيدا ٿيل بيمارين سبب وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ٿي رھيا آھن. دڙو ۽ ٻنون ۾ وٽرنري اسپتالن کي ھلائڻ لاء فقط ھڪ وٽرنري ٽيڪنيشن کي مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو اڪيلي سر دڙو ۽ ٻنون ۾ قائم ٿيل سرڪاري وٽرنري اسپتالن کي ھلائي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو